عبدالغفار صديقي

عبدالغفار صديقي

عبدالغفار صديقي

عبدالغفار صديقي: عبدالغفار صديقي، 7 جون 1939ع تي پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ مخدوم نجم الدين صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي سنڌي پرائمري اسڪول مان، 50-1949ع ڌاري مدرسي هاءِ اسڪول نوشهري فيروز مان، مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي پاس ڪيائين. پوءِ کيس ‘سينيئراسڪول ٽيچر’ ايس. ايس. ٽي (جنهن کي اڄڪلهه هاءِ اسڪول ٽيچر چون ٿا) طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ ۾ 1962ع ۾ مقرر ڪيو ويو. 1963ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ مقرر ٿيو، جنهن دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪمپيريٽو رليجنس ۾ ڪرڻ بعد سرپروائيزر اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس عمرڪوٽ، 1964ع ڌاري مقرر ٿيو. 1965ع کان 1966ع تائين حيدرآباد شهر ۾ بيٽ آفيسر رهيو. ان وقت اها آفيس قاضي اڪبر پرائمري اسڪول پڪي قلعي، حيدرآباد ۾ هئي. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. ايڊ ڪيائين. ان دوران سندن پوسٽنگ ٺٽي، دادو ۽ حيدرآباد ۾ رهي. پهرين جنوري 1974ع تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد طرفان امتحان پاس ڪرڻ بعد 18 گريڊ ۾ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ لطيف آباد، حيدرآباد ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ڪيو ويو. 1981ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ مقرر ٿيو. ان دوران مارچ 1974ع ۾ فلپائين جون 1974ع ۾ بيروت يونيورسٽيءَ لبنان ۾ ڊپلوما اِن اسڪول ايڊمنسٽريشن ڪيائين. 1978ع ڌاري ڪابل يونيورسٽي افغانستان جي تعليمي نظام کي سمجهڻ لاءِ مطالعاتي دورو ڪيائين. حڪومت پاڪستان طرفان کيس بيورو ٽيچرس آف ٽريننگ اسلام آباد طرفان موڪليو ويو. ان چونڊ دوران پشاور، ڪوئيٽا، ڪراچي، لاهور مان اميدوارن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ عبدالغفار صديقي چونڊيو ويو هو. ان امتحان دوران پرائمري سطح کان ڪاليج سطح تائين سمورا مضمون سيکاريا ويا. ايڊمنستريشن ۽ اڪائونٽنگ جي سکيا پڻ ڏني وئي. 1982ع ۾ جرمنيءَ مان سکيا حاصل ڪئي. هن 16 کان 26 ملڪن جا مطالعاتي دورا ڪيا. کيس سنڌ حڪومت طرفان مسجد ۽ ملا اسڪول جي پروگرام جو چيف ڪوآرڊينيٽر ايجوڪيشن ايس. پي. ڊي 1988ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم کاتو، حڪومت سنڌ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي 1990ع تائين ڪم ڪيائين.
عبدالغفار صديقيءَ 1976ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ مذهبي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جي موضوعن تي پروگرام دوران ليڪچر ۽ تقريرون ڪندو رهيو. 1990ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان پڻ ادبي، تعليمي پروگرام پيش ڪرڻ کان سواءِ ٽي. وي تي مختلف پروگرام پيش ڪندو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور ميرس جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر، اقراءِ ايجوڪيشن بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شوري جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.
هيءُ 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. بعد ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، بدين (1992ع کان آگسٽ 1993ع تائين)، جنهن بعد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر مٺي (ٿرپارڪر)، ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن، حيدرآباد، جتان کيس گورنمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول ٿاڻي بولا خان جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. جتي هڪ مهينو رهيو. بعد ۾ انسپيڪٽر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مقرر ٿيو، جتي 1994ع کان 1998ع تائين رهيو. ان دوران ماهوار رسالو ‘اخبار تعليم’ ٻيهر فعال ڪيائين. بعد ۾ کيس ايڊيشنل ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ، ڄام شورو مقرر ڪيو ويو، جتان جون 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين.


لفظ عبدالغفار صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.07  عيسوي

عبدالغفار صديقي، 7 جون 1939ع تي پاٽ شريف، ضلعي دادوءَ ۾ مخدوم نجم الدين صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم دائود گلزار ميمڻ
ٻيڙيءَ وارو سنت
اثير عبدالقادر شاهواڻي
راجن راهيجا
سلطان محمود بيگڙو
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
سيد ويڌل شاهه موسوي
اميد علي سٺيو
رفيق سومرو
اجمل بيگ مرزا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون